عرب ۽ هند نبي صه جن جي زماني ۾

عرب ۽ هند نبي صه جن جي زماني ۾ (ڪتاب): هي قاضي اطهر مبارڪپوري جي مشهور اردو تصنيف ‘عرب و هند عهد رسالت صه مين’ جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو پروفيسر عبدالحئي مورياڻيءَ ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ پنهنجي پاران پروفيسر عبدالله ڀُٽي لکيو آهي. ترجمي بابت ‘پيش لفظ’ خالد ايم اسحاق ۽ اصل اردو ڪتاب بابت پيش لفظ عتيق الرحمان عثمان جا لکيل آهن. جڏهن ته مهاڳ اصل ڪتاب تان قاضي اطهر مبارڪپوريءَ جو سنڌي ترجمي سان شامل ڪيو ويو آهي. ڪتاب مختلف موصوعن ۾ ورهايل آهي، جن ۾ کوپري کان کارڪ تائين، عرب ۽ سنڌ جا پراڻا تجارتي لاڳاپا، عرب ۾ آباد هندستاني قومون، عرب ۾ هندستاني آباديون، عرب ۾ آباد ٿيل هندستانين کي اسلام جي دعوت، پيغمبر اسلام ۽ هندستان جا باشندا، نبيصه جن جي زماني ۾ هندستاني شين جو استعمال، اسلام ۽ مسلمانن جو هندستان ۾ اچڻ شامل آهي. جڏهن ته انهن سڀني موضوعن کي تفصيلي ذڪر هيٺ آڻڻ لاءِ ننڍن ننڍن عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي. ڊيمي سائيز ۾ هي ڪتاب تنظيم فڪر و نظر سنڌ پاران آڪٽوبر 1967ع ۾ ڇپيو. هي ڪتاب 238 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 20 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو